سيد نور رضوي

سيد نور رضوي

سيد نور رضوي

سيد نور رضوي: مشهور اديب ۽ شاعر سيد نور رضويءَ جو پورو نالو، سيد نور علي ولد سيد ارباب علي شاهه آهي. سندس جنم 16 جون 1947ع تي ڳوٺ لڙها، تعلقي روهڙي، ضلعي سکر ۾ ٿيو. هن ايم. اي سياسيات تائين تعليم ورتي. هن ڪيترين ئي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. هن سنڌي، اردو، فارسي، پنجابي ۽ سرائيڪي ٻولين ۾ شاعري پڻ ڪئي آهي. هيءُ 1976ع کان 1978ع تائين بين الصوبائي رابطن واري کاتي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ ڪرن شگر مل روهڙيءَ ۾ 1993ع کان 1995ع تائين ڊپٽي جنرل مئنيجر رهي چڪو آهي. هي ضلعي ڪائونسل سکر جو 1989ع کان 1991ع تائين ميمبر، تعلقي ڪائونسل روهڙيءَ جو 1983ع کان 1987ع تائين چيئرمئن، اسپورٽس سب ڪاميٽي ضلعي ڪائونسل سکر جو 1989ع کان 1991ع تائين چيئرمئن به رهيو آهي. پاڻ ڪيترائي دفعا پي. ٽي. وي اسلام آباد تان سنڌ جي نمائندگيءَ طور اردو سنڌي مشاعرن ۾ پڻ شرڪت ڪري چڪو آهي. ايران، سعودي عرب، عراق، شام، ٿائلينڊ جا دورا به ڪري چڪو آهي. کيس مڃتا طور بيدل آرٽس ڪائونسل روهڙيءَ طرفان 2001ع ۾ ملينيم اوارڊ، سچل سرمست يادگار ڪاميٽي طرفان 2005ع ۾ بهترين شاعر جو اوارڊ، 2006ع ۾ بيدل آرٽس ڪائونسل طرفان بهترين شاعر جو اوارڊ پڻ مليا اٿس. سندس شاعريءَ جو هڪ مجموعو ’ٻاٽ ۾ لاٽ‘ ڇپجي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.06.16  عيسوي

مشهور اديب ۽ شاعر سيد نور رضويءَ جو پورو نالو، سيد نور علي ولد سيد ارباب علي شاهه آهي. سندس جنم 16 جون 1947ع تي ڳوٺ لڙها، تعلقي روهڙي، ضلعي سکر ۾ ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سليم ميمڻ پروفيسر
ڄيٺو لالواڻي
جمال رند
سليمان شيخ ڊاڪٽر
ديپچندر تلوڪچند چندر
پنهل ڏهر
حڪيم محمد يعقوب قاضي
صالح کهڙو
پٺاڻ نثار احمد
رعنا شفيق
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون